اخلاق جوکيو

اخلاق جوکيو

اخلاق جوکيو

اخلاق جوکيو: اديب ، صحافي ، قومي ۽ انساني حقن جو ڪارڪن اخلاق جوکيو، مشھور تعليمدان ۽ اديب، محبوب علي جوکيي جو ٻيو نمبر پٽ آهي. 16 سيپٽمبر 1968ع تي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. هن 1984ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، ان دوران 1983ع ۾ اسڪائوٽنگ سان گڏ پاڪستان نيول اڪيڊمي منھوڙي ڪراچيءَ ۾ نيوِيگيشن اينڊ سيمين شپ جي تعليم حاصل ڪئي. راندين ۾ ڪرڪيٽ، هاءِ جمپ ۽ باڪسنگ سان گڏ، پاڪستان نيول اڪيڊمي منھوڙي پاران نيوي، آرمي ۽ ايئرفورس اڪيڊمين وچ ۾ لائيٽ فلاءِ ويٽ انٽر سروس چيمپئن رهيو. صحافتي زندگيءَ جي شروعات، 1993ع کان روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي. 1994ع ۾ روزاني ’برسات‘ ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر، انچارج ايڊيٽوريل پيج، انچارج ڊيلي ’برسات‘ مئگزين ۽ ايڊيٽر نيوز اينڊ بزنيس رليشنس رهيو. 1998 ۾ ’تعمير سنڌ‘ سکر ۽ ڪراچيءَ جو باني ايڊيٽر ٿي رهيو. 2001ع ۾ روزاني ’عبرت‘ ۾ ڪالم لکيا. 2013ع ۾ ڪميونٽي جرنلزم جي پھرين سنڌي اخبار هفتيوار ’ساهتي آواز‘ ضلعي نوشھري فيروز لاءِ جاري ڪئي. جنھن سبب مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا ۽ جيل ۾ به رهيو. صحافت دوران ’عوامي آواز‘، ’برسات‘، ’تعمير سنڌ‘، ’عبرت‘ ۽ ’ساهتي آواز‘ ۾ ڪيترائي ايڊيٽوريل، ڪالم ۽ پروفائيل لکيا اٿس. ساهتي ضلعي ۾ ساهتي لايرس فورم، ساهتي اڪيڊمي آف آرٽ اينڊ ڪرافٽ، ساهتي نيوز ايجنسي ۽ ساهتي ميڊيا ڪلب جو بنياد وڌو. سياسي حوالي سان 1979ع ۾ ڪميونسٽ لڏي جي تنظيم ’ساٿي ٻارڙا سنگت‘ ۾ سکر جو ڊويزنل آرگنائيزر رهيو. 1980ع کان جيئي سنڌ تحريڪ محرابپور ۾ لطيف سنگت، جساف ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي سٽي يونٽن جو بنياد رکيو. 2005ع-2006ع ۾ سنڌي اخبارن پاران ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ اشتھار هڻڻ تان احتجاج طور ’تعمير سنڌاخبار جي ايڊيٽرشپ تان استعيفا ڏئي، صحافت کي الوداع ڪري، جسقم (شھيد خان قريشي'>بشير خان قريشي) جي نشر و اشاعت شعبي جو سربراهه ٿيو.2007ع ۾ جسقم جو مرڪزي پارٽي ترجمان (خان قريشي'>بشير خان قريشي جي شھادت تائين) رهيو. ادبي کيتر ۾ ٻاراڻي ادب تي ڪھاڻين جو هڪ ڪتابڙو ’موتين مالها‘ (ترجمو) ڇپيل اٿس. سنڌي ادبي سنگت محرابپور جو بنيادي ميمبر رهيو، ڪجهه ڪھاڻيون ۽ وايون به لکيون. 2012ع ۾ شھيد خان قريشي'>بشير خان قريشي جي شخصيت تي هڪ ڪتاب ’وڏو‘ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ اخلاق جوکيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.09.16  عيسوي

اديب ۽ صحافي اخلاق جوکيو 16 سيپٽمبر 1968ع تي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد ڀٽي
اسلم خواجا
توفيق علي منگي
آفتاب احمد خانزاده
الهورايو بوزدار
ٽانوري محمد عثمان
درس عبدالغني
اخترعلي
خير محمد نظاماڻي
در محمد ڪمال
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون